دلپاڪ 2

دلپاڪ (ڳهه): دلپاڪ، ڳچيءَ ۾ پائڻ جو هڪ قسم جو ڳهه آهي، جيڪو سون ۽ چانديءَ جي زنجير ۾ دل جي نموني جھڙو پيل هڪ پتلو هوندو آهي. هن جو عربي ۾ نالو حجر الاخضر، فارسي ۾ سنگ سبز ۽ دلپاڪ آهي. هي ڳهه خاص ڪري خواجه ڪميونٽيءَ جون عورتون پائين ٿيون. دلپاڪ جي زنجير جو پتلو دل تائين لڙڪيل هوندو آهي. دلپاڪ تي پنجن تنن سڳورن جا نالا اڪريل هوندا آهن. دلپاڪ مسلم فرقن سان تعلق رکندڙ عورتون ۽ مرد به پائينديون آهن ۽ اهي مقدس نالا پنهنجي پسند جا لکائيندا آهن. ڪي ڪلما اڪرائيندا آهن. هي ڳهه نهايت احترام، ادب ۽ پاڪائيءَ سان پاتو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو